مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 20,871 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

چندر گپت موريا؛ (حڪومتي دؤر: 321 ق.م کان 297 ق.م. تائين) قديم ھندوستان ۾ موريا گھراڻي جي سلطنت جو باني ھيو، جنھن ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان وڏي سلطنت قائم ڪئي. ھن جو مکيہ وزير چاڻڪيا ھو جنھن کي ڪوٽليا پڻ سڏيندا آهن. ھن پنھنجي دؤر م وڏا سياسي ۽ معاشي سڌارا آندا.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
  • ... تہ ڪرھو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي جنھن کي اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.
  • ... تہ دور جاھليت ۾ اھل عرب لات جي پوڄا ڪندا ھئا، جيڪو ھن وقت سعودي عرب جي شھر طائف ۾ رکيل آھي.
  • ... تہ سکر ۾ 1895ع ۽ 1915ع ۾ طاعون جي وبا پکيڙي جنھن سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.
  • ... تہ ويلو ناچيار کي تامل ماڻھو سورهيه عورت جي لقب سان ياد ڪن ٿا، ھي پھرين راڻي ھئي جنھن برطانوي راڄ خلاف مزاحمت ڪئي.
  • ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.

اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/مارچ 7

اڄ جو لفظ

بالشويزم
ھي روسي ٻولي جو لفظ آھي
بالشويزم معني اڪثريت وارا ۽،
ان جو ضد آھي مينشويزم ٿورائي وارا.
بالشيوڪ پارٽي جو نالو پڻ ھن لفظ مان ئي نڪتل آھي.

ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 20,871 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

چانڪيا (375–283 ق.م) هڪ قديم ڀارتي ڏاھو فلسفي هو، جيڪو استاد، ليکڪ، حڪمت عملي جو ماهر، فلسفي، معاشيات دان، قانوندان ۽ سياستدان طور سرگرم رهيو. هن کي روايتي طور تي ڪوٽليا يا وشنوگپت سڏيو ويندو آهي، جنهن قديم ڀارتي سياسي ڪتاب ارٿ شاستر لکيو، جيڪو لڳ ڀڳ چوٿين صدي ق.م کان ٽين صدي عيسوي جي وچ ۾ لکيو ويو. چانڪيا کي ڀارت ۾ سياسي سائنس ۽ معاشيات جو باني سمجهيو ويندو آهي، ۽ هن جو ڪم ڪلاسيڪي معاشيات جو اهم پيش رو آهي. هن جا لکيل ڪتاب گپت سلطنت جي پڇاڙيءَ ۾ ڇهين صدي عيسوي ۾ وڃائجي ويا ۽ 20هين صدي جي مُنڍ ۾ ٻيهر ھٿ ٿيا. لڳ ڀڳ 321 ق.م ۾، چانڪيا پهرين موريا حڪمران چندرگپت جي اقتدار ماڻڻ ۾ واھر ڪئي، ۽ هن کي موريا سلطنت اسٿت ڪرڻ ۾ اهم ڪردار نڀائڻ جو ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو. چانڪيا چندرگپت موريا ۽ ان جي پٽ بندوسار جي مکيه صلاحڪار ۽ وزيراعظم طور خدمتون انجام ڏنيون.

اڄ جو ڏينھن

ڇنڇر 7 مارچ 2026ع مطابق 18 رمضان 1447ھ

وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/مارچ 7

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 20,871 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريومدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.

اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ:

، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)